بلاول پرديسي

بلاول پرديسي: سنڌ جي برک استاد ۽ شاعر بلاول پرديسيءَ جو اصل نالو محمد بلاول ولد محمد يعقوب، ذات وگهامل هو. هن ڳوٺ کاڻوٺ، تعلقي هالا ۾ 29 مارچ 1931ع تي جنم ورتو. پهرين پرائمري استاد ٿيو، پر پوءِ پنهنجي علمي لياقت ايم. اي تائين وڌائڻ بعد، ليڪچرر، پروفيسر ۽ پرنسپال ٿيو. هي سچل سرمست آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج تلڪ چاڙهي، حيدرآباد ۾ وڏي عرصي تائين پرنسپال رهيو. پنهنجي دور جو هڪ سٺو شاعر ۽ نثرنگار ٿي گذريو آهي. هن جا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڪيترائي گيت، غزل ۽ ڪلام سنڌ جي نامور فنڪارن ڳايا آهن، جن ۾ استاد محمد يوسف اهم آهي، بلاول پرديسيءَ جا فلمي گيت توڙي گيتن ڀريون ڪهاڻيون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿي مقبوليت ماڻي چڪيون آهن. شاعريءَ توڙي نثر ۾ سندس تصنيفون هن ريت آهن: (1) ’دلسوز ڪافيون‘ (شاعري 1956ع)، (2) ’ڪليات پرديسي‘، (3) ’پڪار‘ (شاعري)، (3) ’سوني صندوق‘ (ٻاراڻو ادب: 1956ع)، (5) ’زندگي ۽ حادثا‘ (افسانا: 1969ع)، (6) ’جادوءَ جو گلاب‘ (ٻاراڻو ادب)، (7) ’رهبر دوستي‘ (مضمونن جو مجموعو)، (8) ’سچل جي شاعري‘ (9) ’جماليات‘ .
بلاول پرديسي 23 ڊسمبر 1999ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو .


لفظ بلاول پرديسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1931.03.29  عيسوي

بلاول پرديسي، تعلقي هالا ۾ 29 مارچ 1931ع تي جنم ورتو.


1999.12.23  عيسوي

بلاول پرديسي 23 ڊسمبر 1999ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عباسي نور محمد نور
گل محمد رند
خانڻ چنجڻي
مير عباس علي خان ٽالپر
الطاف ملڪاڻي
ابو ضلع السندي
سليم جعفر
ڄام مراد علي جوکيو
سيد ضياءُالدين ضيا ٺٽوي
ابراهيم شاهه صوفي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون